سنت هريداس

سنت هريداس: سنت هريداس ولد ڏيپومل بهلاڻي تعلقي محرابپور ۾ جنم ورتو. سندس ڄمڻ وقت نالو ڪيرت رکيو ويو. هالاڻي درٻار جي باس مطابق، ڪيرت کي درٻار صاحب هالاڻي ۾ وٺي ويا، جتي سندس نالو مٽائي ڀڳترام رکيو ويو، ڀڳترام کي وديا اڀياس لاءِ ڪاشيءَ موڪليو ويو، جتي هن هندي ۽ سنسڪرت سکي شاسترن جو اڀياس ڪيو. درٻار جي خدمت ڪيائين. سنت ڪشنداس جيڪو ان وقت هالاڻي درٻار جو گادي نشين هو. تنهن جي وفات کانپوءِ 1903ع ۾ ڀڳترام کي گادي تي ويهاري، سندس نئون نالو هريداس رکيو ويو. سنت هريداس سنه 1918ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ سنت هريداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو